ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي آفيسر ۽ سائيٽ ڪراچي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر شهزاد فضل عباسي کي بدلي ڪري اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جو نئون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جتان عثمان غني صديقي کي هٽائي سندس خدمتون فوري طور تي بلوچستان حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.