ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، جڏهن ته 1029 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 14716 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي جن مان 1029 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. هن وقت تائين ڪورونا جا 281384 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن. 12982 مريضن جو علاج جاري آهي، جن مان 555 مريضن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته 50 مريض وينٽيليٽرز تي آهن