نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارتي اختيارين شهري کي ڪتي جي تصوير لڳائي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪتي جي تصوير لڳائڻ جو انوکو واقعو ڀارتي رياست اوڀر بنگال جي ڳوٺ مرشد آباد جي رهائشي سنيل ڪارماڪر سان پيش آيو جنهن پنهنجي ووٽر ڪارڊ ۾ علطي کي صحيح ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي.سنيل ڪارماڪر صحافين کي ٻڌايو ته جڏهن مون کي سڃاڻپ ڪارڊ مليو ته ان ۾ منهنجي جڳهه تي ڪتي جي تصوير لڳائي وئي هئي جيڪا هڪ سنگين غلطي آهي ۽ منهنجي توهين جي برابر آهي. لاڳاپيل آفيسرن ڪارڊ تي صحيح ڪرڻ جي باوجود تصوير تي نظر به نه وڌي ته سڃاڻپ ڪارڊ تي تصوير ڪنهن جي لڳل آهي.