لنڊن (دلچسپ نيوز)سام سنگ مارچ 2020ع ۾ گليڪسي ايم 21 کي متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻ ان جي اپ ڊيٽ ماڊل کي پيش ڪيو ويو آهي.گليڪسي ايم 21 (2021) کي ڪمپني طرفان متعارف ڪرايو ويو آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته گذريل سال جي ماڊل جي ڀيٽ ۾ نئين فون ۾ خاص بهتري ناهي ڪئي وئي.گليڪسي ايم 21 ۽ گليڪسي ايم 21 (2021) جو جائزو ورتو وڃي ته ڊيزائن ۾ معمولي تبديلي نظر ايندي.پر هارڊويئر جي لحاظ سان ٻئي فونز هڪ جهڙا ئي آهن رڳو هڪ معمولي تبديلي کان سواءِ.گليڪسي ايم 21 (2021) ۾ بيڪ تي پرائمري ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي ايم 2 سنسر سان ليس آهي جڏهن ته اوريجنل ويزن ۾ به 48 ميگا پڪسل ڪيمرا ئي هئي پر سنسر مختلف هو.2021ع جي ايڊيشن ۾ 6.4 انچن جو سپر اموليڊ ڊسپلي موجود آهي جنهن جي تحفظ لاءِ ڪورننگ گوريلا گلاس 3 جو استعمال ڪيو ويو آهي.فون جي اندر ايڪسينوس 9611 پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 4 کان 6 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي پرائمري ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 5 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرائون موجود آهن.فون جي فرنٽ تي 20 ميگا پڪسل ڪيمرا نوچ ڊيزائن ۾ ڏنو ويو آهي.هن فون جي هڪ خاص ڳالهه ان جي طاقتور بيٽري هئي جيڪا 6000 ايم اي ايڇ بيٽري سان آهي جنهن سان گڏ 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود آهي.ڪمپني 2019ع ۾ 6000 ايم اي ايڇ بيٽري جي باري ۾ ٻڌايو هو ته ان تي صارف 29 ڪلاڪن تائين لڳاتار ويڊيوز، 130 ڪلاڪن تائين آڊيو پلي بيڪ ڏسي يا ٻڌي سگهي ٿو.اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني پنهنجي ون يو آءِ 3.1 سان ڪئي آهي جڏهن ته ڊوئل بينڊ واءِ فاءِ، بليو ٽوٿ 5.0، جي پي ايس او آڊيو جيڪ ۽ ٻيون خصوصيتون آهن، هن فون جو 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 170 ڊالر (پاڪستاني 27 هزار رپين کان وڌيڪ)جڏهن ته 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي وارو فون 195 ڊالرز (پاڪستاني 31 هزار رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.