شھدادڪوٽ (رپورٽر) 3 ڏينهن اڳ ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ايم اسحاق بوزدار  ۽ صحافي عبدالغني ڏيٿو وچ ۾ پريس ڪلب اندر معمولي ڳالهه تان جيھڙي بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽ جي ڊويزنل صدر سرڪش سڌايو، اعجاز چانڊيو، لالابرڪت بلوچ، عبدالرحيم منگي، محمد صفر گوپانگ، محرم چانڊيو، نور احمد کوسو، مختيار عباسي، زاھد علي ساريو پريس ڪلب شھدادڪوٽ  پھچي شاھ ڀٽائي پينل جي صحافي اڳواڻن سڪندر علي لغاري، محمد يوسف ڪمبوھ، ايم اسحاق بوزدار ۽ شھيد ميان عطا محمد صديقي پينل جي صحافين عبدالغني ڏيٿو، جاويد ڪمبوھ، امير مڱڻھار سميت ٻنهي صحافي گروپن جون ڳالهيون ٻڌيون. ڳالهين ۾ شھيد ميان عطا محمد صديقي پينل جا صحافي عبدالغني ڏيٿو، جاويد ڪمبوھ، امير مڱڻھار ڏوھي ثابت ٿيا، جنهن کان پوءِ يونين آف جرنلسٽ جي صحافي اڳواڻن سرڪش سڌايو، لالابرڪت بلوچ، محرم چانڊيو، محمد صفر گوپانگ، عبدالرحيم منگي سميت ٻين فيصلي جي فتويٰ ٻڌائيندي چيو ته صحافي عبدالغني ڏيٿو، امير مڱڻھار، جاويد ڪمبوھ سميت ٻيا ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ايم اسحاق بوزدار ۽ ڪيميرامين يونس بوزدار مٿان ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرڻ بعد وحشياڻو تشدد ڪرائڻ واري عمل تي ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ايم اسحاق بوزدار سميت ٻين صحافين سڪندر علي لغاري ۽ محمد يوسف ڪمبوھ جي گروپ صحافي اڳواڻن ڏانهن ميڙ ڪري معافي وٺندا .فيصلو ڪندڙن جي امينن جي ڪيل فيصلي بعد عبدالغني ڏيٿو، امير مڱڻھار، جاويد ڪمبوھ سميت ٻين صحافين ڪيل غلطي جو ايم اسحاق بوزدار، سڪندر علي لغاري، محمد يوسف ڪمبوھ کان معافي وٺي ڇڏي آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ھائي ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس تان شاهه ڀٽائي پينل جا صحافي اڳواڻ سڪندر علي لغاري، معشوق کوسو جيڪي ڪيس جا  پٽيشنر آهن اھي، ڪيس تان ھٿ کڻي ڪيس ختم ڪرائيندا. اھڙي فيصلي کانپوءِ پريس ڪلب جي ٻنھي صحافين جي گروپن جي اڳواڻن پنهنجا سڀ ويڇا ۽ رنجشون ختم ڪري ھڪٻئي کي صحافين ڀاڪرين پئجي کير کنڊ ٿي ويا آهن.