شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ شھرين پاران  پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو،.ان موقعي تي فقير ذوالفقار علي ٻٻر، ڪرم مگسي،  ناصرحسين، حسين شاھ، آصف خاصخيلي، منصور عباسي  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس بيگناهه غريب آباد پاڙي ۾ ڪارروائي ڪري شھري امن ڪاميٽي جي صدر پپن مگسي کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ شهرين جي مداخلت بعد کيس آزاد ڪيو ويو، هنن چيو ته پوليس بنا جواز شهرين کي تنگ ڪري رهي آهي، نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.