سکر (بيورو رپورٽ) ھڏين جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو موجب پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو ھڏين جي بيماري اوسٽو پروسس جي مرض ۾ مبتلا آھن. غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ڪنسلٽنٽ آرٿوپيڊڪ اينڊ ٽراما سرجن ذوالفقار علي سومرو هڏين جي بيمارين کان بچاءُ واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهون هڏين جي بيماري اوسٽو پروسس جي مرض ۾ مبتلا آهن، ورزش، مناسب غذا ۽ وٽامن ڊي جي استعمال سان هن بيماري کان نجات حاصل ٿي سگھي ٿي، اوسٽو پروسس (هڏين جو ڀر ڀرو هجڻ) جي بيماري عام آهي. هي هڪ خاموش مرض آهي، جنهن سان مرد ۽ عورتون ٻئي متاثر ٿين ٿيون. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومري چيو ته برسات ۽ ٻوڏ دوران به ھڏين جي بيمارين ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آھي. جايون ڪِرڻ جي نتيجي ۾ ٽنگون، ٻانھون ۽ جسم جا ٻيا عضوا ٽٽڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، وقت سر علاج ڪري کين معذوري کان بچائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. جي ايم سي ۾ سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ سوين مريضن جو علاج ڪيو ويو.