شھدادپور (ن پ ا) شاهپور مائينر جي پڇڙي جي آبادگار عبدالحق ڀاڻوجو احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي الزام هينو ته ايس ڊي او سب ڊويزن شاهپورچاڪر ذوالفقار کوسو هٿ سان پاڻي بند ڪري منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب 5 آر ۽ 6 آر واٽر ڪورسز ۾ پاڻي جو ڍُڪ به نه ٿو پهچي، پاڻي نه هجڻ سبب زمينون بنجر پيل آهن، ڪاهيل فصل سڪي ويا آهن کين لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شاهپور مائينر جي پڇڙي ۾ فوري طور پاڻي فراهم ڪري ايس ڊي او ايريگيشن خلاف قانوني قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ويندي.