خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب رهواسي سخت پريشان آهن، جڏهن ته شهر ۾گيس جي لوڊشيڊنگ پڻ رهواسين جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن زبير سومرو، جاويد ميراڻي، الطاف راجا، آزاد انصاري، جمشيد سولنگي، بشير عباسي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي بندش سبب سخت پريشان آهيون، ڪاروبار ٺپ آهي، شهرين چيو ته مختلف علائقن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيل آهن، پر شڪايتن باوجود سيپڪو عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن الزام هنيو ته سيپڪو عملدار بجلي چوري ۾ ملوث آهن، سزا عوام کي ڏني پئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته شهر گئس جي لوڊشيڊنگ جو به آزار آهي، جنهن سبب ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهيون، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي ۽ گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.