جروار (ن پ ا) جروار جي ڳوٺ سلطان گبول جي رهواسي امان الله گبول پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته گهر مان چوري ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد بااثر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين، هن ٻڌايو ته ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي بااثرن اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.