شادين جي موسم آهي، ان ڪري وائرس پکڙجي رهيو آهي: عذرا پيچوهو

0
318
شادين جي موسم آهي

ڪراچي(م ڊ)  سنڌ جي صحت واري وزيرعذرا پيچوهو چيو آهي ته شادين جي موسم سبب وائرس پکڙجي رهيو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عذرا پيچوهو چيو ته اسان وٽ ڊيلٽا وائرس آهي ۽ اومي ڪرون امپورٽ آهي، جڏهن ته اومي ڪرون جو پکيڙ وڌيڪ آهي

هن چيو ته اسان شروعات ۾ ڊريپ کي ويڪسين خريد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ڊريپ اڃا تائين ويڪسين جي خريداري جي اجازت نه ڏني آهي، وفاقي حڪومت ويڪسين فراهم ڪري رهي آهي ان ڪري اسان کي اڃا ان کي درآمد ڪرڻ جي ضرورت ناهي