پيءَ، ڏاڏي ۽ چاچي کي سردار چانڊيو وارن قتل ڪرايو: ام رباب

0
261
پيءَ، ڏاڏي ۽ چاچي کي

دادو(ن پ ا) دادو جي عدالت ۾  ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنهور پاران سردار احمد ، برهان خان ۽ علي گوهر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا

وڪيلن جي استدعا ڪئي ته 14 جنوري تي وڪيل ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ڪيا ويندا جنهن بعد ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 14 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي

پيءَ، ڏاڏي ۽ چاچي کي

ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته منهنجي پيءَ، ڏاڏي ۽ چاچي کي سردار چانڊيو وارن بيگناھ قتل ڪرايو آهي، ڪجھ ڏينهن کانپوء منهنجي قتل ڪيل گهر ڀاتين جي 4 ورسي ملهائي ويندي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي ۽ انصاف ضرور ٿيندو

ٻئي پاسي سردار چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، اسان بيگناھ آهيون، عدالتن تي ايمان ۽ انصاف جي اميد آهي، مخالف شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي عدالت ۾ ڇڪي رهيا آهن اسان به هر حاضري تي اچون پيا

ھي به پڙھندا

وڏيرا بهانا ڪري عدالتن مان رڳو تاريخون وٺي رھيا آھن: ام رباب