سڳيون ڀرسان زال کي درياهه ۾ ٻوڙي قتل ڪندڙ وحشي مڙس گرفتار

0
363
سڳيون ڀرسان زال کي

سڳيون(ن پ ا) سڳيون ڀرسان شادي جي هڪ مهيني بعد زال کي درياهه ۾ ٻوڙي قتل ڪندڙ وحشي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار حڪيم ماڇي پوليس ۽ ميڊيا اڳيان زال نماڻي ماڇي کي قتل ڪرڻ واري ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

جوابدار چيو آهي ته گهرو اڻبڻت تان جهيڙي بعد زال کي دوا وٺي ڏيڻ جي بهاني سان وٺي ويس، ٻيڙي وچ درياهه ۾ پهتي ته زال کي ڌڪو ڏنو ۽ هوءَ ٻڏي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري نماڻي ماڇي جي والد جي فرياد تي جوابدر خلاف قتل ڪيس داخل ٿيل آهي، درياهه ۾ ڳولا باوجود ناري جو لاش هٿ نه آيو، وڌيڪ جاچ جاري آهي