سکر (بيورو رپورٽ) شڪارپور جي شاھي باغ واري علائقي جي رھواسڻ سيما ابڙو ۽ سندس مڙس بھرام ابڙو سکر پھچي احتجاج ڪندي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته پھريان سيما جا وارث اسان جي شادي لاءِ راضي ھئا مڱڻي به ٿي وئي پر بعد ۾ ٻئي ھنڌ رشتو طئي ڪيو ويو جنھن تي اسان گھران نڪري پسند جي شادي ڪئي آھي. بھرام ابڙو الزام مڙھيو ته ناريءَ جي وارثن اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ۽ اسان جي گھر کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، پوليس وٽ دانھڻ باوجود پوليس ڪو تدارڪ ناھي ڪيو. تنھن ڪري پوليس ذميوارن کان اپيل ڪريون ٿا ته کين تحفظ ڏيڻ سان گڏ انصاف ڏياريو وڃي.