ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو پوليس جوابدار سان ملاقات لاءِ آيل سندس پٽ ۽ ڀائيٽي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهي. خبر موجب گذريل ڏينهن قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار طالب شاهه سان ملاقات لاءِ آيل جوابدار جي پٽ توقير شاهه ۽ ڀائيٽي فدا حسين شاھ کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا پوليس کي گھربل ھئا، جن مٿان ڳڙهي خيرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.