سکر (بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر سکر جاويد احمد جي هدايت تي مختيارڪار سٽي پاران ٽيم ساڻ ڪري نيم ڪي چاڙهي ويجهو ڇاپو هڻي جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪرائي ورتو، روينيو، سيپڪو، ايجوڪيشن سميت ٻين کاتن جي آفيسرن جي اسٽيمپس (ٺپا) برآمد، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر سکر آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تعلقه خانگڙهه گهوٽڪي جي رهواسي هڪ نوجوان محمد اسماعيل ڊي سي آفيس سکر پهچي شڪايت ڪئي ته سڃاڻپ ڪارڊ ۾ ايڊريس جي تبديلي لاءِ نادرا آفيس پهتو جتي نادرا آفيس وارن ڊوميسائل جي تصديق لاءِ چيو ته جنهن تي ڊي سي آفيس جي رڪارڊ ۾ ان جو ڪو به رڪارڊ نه هجن ڪري ڊي سي آفيس سکر پاران ڊوميسائل کي جعلي قرار ڏنو ويو جنهن تي هن ڊي سي سکر جاويد احمد سان ملاقات ڪندي اهڙي شڪايت ڪري آگاهه ڪيو ته نصرت حسين شاهه نالي اسٽيمپ وينڊر هن کي 3 هزاررپين ۾ ڊوميسائل ٺاهي ڏنو هو جنهن جو ڪو به رڪارڊ سرڪار وٽ ڪونهي جنهن تي ڊي سي سکر فوري طور تي مختيار ڪار سٽي بابر بلو کي سخت ڪارروائي لاءِ هدايت ڪئي. مختيار ڪار سٽي بابر بلو متاثر نوجوان محمد اسماعيل جي نشاندهي تي نيم ڪي چاڙهي ڀرسان بنا لائسنس اسٽامپ وينڊر نالي نصرت حسين شاهه جي اسٽال تي ڇاپو هنيو جتي روينيو، سيپڪو، ايجوڪيشن سميت ٻين کاتن جي آفيسرن جي جعلي اسٽيمپس هٿ ڪري تحويل وٺي ڇڏيون آهن ۽ هڪ شخص نصرت حسين شاهه کي گرفتار ڪري لاڪب ڪرايو ويو۔ جڏهن ته ان جعلي ڪم ۾ ملوث امتياز ميمڻ فرار ٿي ويو. جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي سي سکر جي پي اي فرهاج ولد محفوظ ملڪ جي فريا تي گناهه نمبر 43/2021 قلم 420.206.465.458.470.472 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.