عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شهر ۾ ڀاڄين ۽ فروٽن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، عام شهري توڙي وچولي طبقي لاءِ ڀاڄيون ۽ فروٽ وٺڻ وس کان ٻاهر ٿي ويو. ڀاڄين ۽ فروٽ جا اگهه چوٽ چڙهڻ سبب پورهيت طبقو دڪانن ۽ ريڙهڻ تان اگهه پڇيو واپس وريو وڃي. جڏھن ته مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ ڀاڄيون جن ۾ ٽماٽا 60 رپيا في ڪلو، بصر 50 رپيا، پٽاٽا 40، توري 160 رپيا، ڀينڊي 160رپيا، گوار 200 رپيا، ڪريلو 150، پالڪ 150، مهيا 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. ڇانهان 100 رپاي في ڪلو، ڪيلا 80 رپيا درزن، صوف 200 رپيا ڪلو، آلو بخارا 250 رپيا ڪلو، چيڪو 100 رپيا في ڪلو جي اگهه تي وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ سنڌڙي انب 120 رپيا، دسهڙو 100 رپيا، سرولي 100 رپيا، بيگڻ پالي 150 رپيا وڪرو ٿي رهيا آهن. جڏھن ته عمرڪوٽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر هئڻ ڪري ڀرپاسي جي شهرن ۾ پڻ سبزي توڙي ميوا عمرڪوٽ جي منڊي مان خريد ڪري وڪرو ڪيا وڃن ٿا، ٻي طرف ٿر جي شهرن ڏانهن پڻ عمرڪوٽ جي منڊي مان سبزي ۽ فروٽ موڪليو ويندو آهي. شهرين ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سبزي ۽ فروٽ جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.