سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف ضلعن سکر، گھوٽڪي، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ بيروزگار نوجوانن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني انتظاميا خلاف سکر ۾ ڪمپني آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري پراڻو قومي شاھراھ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ ھو ته اين ٽي ڊي سي انتظاميا گريڊ هڪ کان گريڊ 4 تائين جي ڀرتين لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏنو هو، جنهن ۾ ڀرتين لاءِ انٽرويو جي سکر ۾ 21 جون تي تاريخ مقرر ڪئي وئي ھئي، مختلف ضلعن کان ڪرايا، ڀاڙا ڀري جڏھن اسان انٽرويو ڏيڻ لاءِ اينٽي ڊي سي آفيس پهتاسين ته انتظاميا ٻڌايو انٽرويو 11 جون تي حيدرآباد ۾ ٿي ويا آهن، جنھن متعلق انتظاميا بغير ڪنهن نوٽيس جي انٽرويو ملتوي ڪري ڇڏيا آهن، جيڪا ناانصافي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اين ٽي ڊي سي انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري رھيل اميدوارن جا انٽرويو ورتا وڃن.