خيرپور (رپورٽر) ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ٺيڙهي ڀرسان ذوالفقار آباد جي رهواسي ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان شروع ٿيل جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي، رات دير سان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي پيرسن غلام حسين ڦلپوٽو جي کجين جي باغ ۾ ستل چوڪيدار حنيف ڦلپوٽو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي رسين سان ٻڌي باغ ۾ پيل لکين رپين جي بارداڻي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ان حوالي سان ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي پيرسن غلام حسين ڦلپوٽو طرفان جوابدار عبدالستار ڦلپوٽو، ممتاز ڦلپوٽو، نويد احمد ڦلپوٽو، عمران ڦلپوٽو سميت 7 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. ان حوالي سان پيرسن غلام حسين ڦلپوٽو دانهيندي چيو ته جوابدارن ظلم ڪيو آهي، بارداڻي کي باهه ڏئي لکين رپين جو نقصان ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.