لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ريپ نوجوانن فارما ليگ جي سڏ تي وڌندڙ بدامني، هول سيل مارڪيٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ميڊيڪل ريپ جي داخلا تي پابندي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي طارق ملگاڻي، سعادت سومرو، مجيب سومرو، عارف ڊومڪي، فراز لاڙڪ ۽ ٻين چيو ته بدامني سبب ميڊيڪل ريپ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ميڊيڪل ريپ نوجوانن سان ملاقات ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد هنن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.