سکر واسڻ نوجوان ناري پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

0
179
سکر واسڻ نوجوان ناري

سکر (ن پ ا) سکر واسڻ نوجوان ناري پراسرار نموني گم ٿي وئي جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، سکر جي آچر گهٽي جي رهواسين ظهور بلوچ، رافعه ۽ رفيقه بلوچ احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڏيڍ مهينو اڳ 25 ورهين جي نوجوان نياڻي سرتاج خاتون پاڙي جي درزياڻي وٽ ڪپڙا کڻڻ وئي جتان پوءِ واپس نه موٽي

والده رافعه جو چوڻ آهي  ته منهنجي وڏي ڌيءَ منشاد جي ونواهه جي تقريب هئي پنهنجي ڀيڻ جا ڪپڙا کڻڻ لاءِ وئي ته واپس ناهي موٽي، سندس نمبر به مسلسل بند وڃي رهيو آهي، شڪ آهي ته سندس نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي

هن چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي پر پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪو تحرڪ ناهي ورتو، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته نياڻي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي