ايلون مسڪ ٽوئٽر ۾ ڪهڙيون تبديلون ڪري سگهي ٿو؟

0
345
ايلون مسڪ ٽوئٽر ۾
ايلون مسڪ ٽوئٽر ۾ ڪهڙيون تبديلون ڪري سگهي ٿو؟

ويب ڊيسڪ: صدام ڪولاچي

ايلون مسڪ شيئر هولڊرز جي حمايت حاصل ڪرڻ بعد ٽوئٽر کي 44 ارب ڊالر ۾ خريد ڪري سگهندو، ٽوئٽر ايپ جي وڪري بابت لکين صارفين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن

ڪنهن کي خبر ناهي ته ارب پتي ڪاروباري شخصيت ٽوئٽر بابت ڪهڙي رٿابندي ڪئي آهي، ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪيوٽو پارگ اگروال به اهو تسليم ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو مستقبل غير يقيني صورتحال جي ور چڙهيل آهي

اسان جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته مستقبل ۾ ٽوئٽر تي ڪهڙيون تبديليون ٿي سگهن ٿيون، ايلون مسڪ ڪهڙي حڪمت عملي سان ميدان تي لهندو ۽ عام صارف کي ڪهڙو رليف ملندو؟

مواد بابت ضابطن ۾ نرمي ٿيندي؟

ايلون مسڪ ٽوئٽر تي مواد بابت لاڳو پاليسين بابت سدائين تنقيد ڪندو رهيو آهي، افواهه آهن ته ايلون مسڪ ٽوئٽر جي مواد بابت ضابطن ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو ۽ معطل ٿيل اڪائونٽس کي ٻيهر بحال ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ به شامل آهي

ٽوئٽر بورڊ ايلون مسڪ جي آڇ منظور ڪندي پڌرائي جاري ڪئي ته ”اظهار جي آزادي“هڪ فعال جمهوريت جو بنياد آهي ۽ ٽوئٽر ڊجيٽل پليٽ فارم آهي، جتي انسانيت جي مستقبل لاءِ اهم معاملن تي بحث ٿيندو آهي

ٽوئٽر تان اشتهارن جو خاتمو ٿي ويندو؟

اپريل جي شروعات ۾ مسڪ ٽوئٽر جو سڀ کان وڏو شيئر هولڊر بڻجي ويو هو، هُن ڪجهه ٽوئٽس به ڪيا پر وري ڊليٽ ڪري ڇڏيا هئا، ڊليٽ ڪيل ٽوئٽس ۾ مسڪ ٽوئٽر پريميئر سبسڪرپشن سروس ٽوئٽر بليو مان اشتهار هٽائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي

ايلون مسڪ خدشو ظاهر ڪيو هو ته ٽوئٽر جي پاليسي تي ڪارپوريشنز جو اثر وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته ٽوئٽر جي آمدني جو 90 سيڪڙو حصو اشتهارن مان اچي ٿو

ٽوئٽر بليو هڪ اهڙي سروس آهي، جيڪا امريڪا، ڪينيڊا، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ صارفين لاءِ موجود آهي ۽ ان مان صارفين کي ٽوئٽ جي تصيحيح ڪندڙ بٽڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا آپشن ڏنل آهن

ٽوئٽر تان جعلي اڪائونٽس ختم ٿي ويندا؟

ايلون مسڪ”بوٽس کي شڪست“ ڏيڻ بابت ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ اهو هڪ اهڙو واعدو آهي جيڪو ٽوئٽر صارفين ۾ مقبوليت ماڻيندو

ٽوئٽر کي آٽوميٽڊ ۽ جعلي اڪائونٽس سان مسئلو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا اڪائونٽس کي ڪوڙيون خبرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي

سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ايڪسٽرا هاپ ۾ سينيئر سيلز انجنيئر جيمي مولز چيو آهي ته ٽوئٽر بوٽس جي خاتمي کي تمام وڏو ڪم سمجهيو ويندو آهي، جيڪڏهن مسڪ اِن مشن ۾ ڪامياب ٿي ويو ته جعلي اي ميلز، پوسٽس ۽ ٻين بدنيتي تي ٻڌل مداخلتن جو خاتمو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي

ٽوئٽر تي پيغام لکڻ بعد ايڊٽ ڪرڻ جو آپشن

ٽوئٽر لاءِ واڪ ڏيڻ کان مسڪ پنهنجي فالورز کان سوال ڪيو هو ته ڇا هو ٽوئٽر تي ايڊٽ جو آپشن چاهين ٿا؟، ان کانپوءِ ٽوئٽر انتظاميا کي ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻي پئي هئي ته هو ان آپشن تي ڪم ڪري رهيا آهن