سکر(بيورو رپورٽ) سکر ورڪشاپ روڊ تي قائم نجي حرا اسپتال ۾ ڪورونا جو علاج مھانگو ٿيڻ لڳو، سکر جو نامور شاعر بشير منگي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻايل نجي اسپتال ۾ داخل آھي، جنھن طرفان انوائز ٺاھڻ ڏيڻ ته جئين اُھا ثقافت کاتي ڏانھن اماڻي سگھجي متعلق اسپتال انتظاميا کي چيو، جنھن تي اسپتال انتظاميا کيس 14 ڏينھن جي علاج لاءِ انوائيز ٺاھي ڏني، جنھن موجب آءِ سي يو روم ۽ آڪسيجن چارجز روز جا 10 هزار، ڊاڪٽر جي في هڪ وزٽ 2500 رپيا، آڪسيجن جا 2 لک رپيا الڳ، ليبارٽري رپورٽون 70 هزار رپيا، چوڏھن ڏينهن جو بل 750000 ساڍا ست لک رپيا ٺاھي ورتو. نجي اسپتال طرفان علاج لاءِ جاري لاڳت متعلق انوائيز ليٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنھن تي سوشل ميڊيا جي صارفين طرفان اِن معامري جي جاچ ۽ ڪورونا سميت اسپتال ۾ علاج تمام گھڻو مھانگو ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي نجي اسپتال انتظاميا جو چوڻ آھي ته مريض ثقافت کاتي کان علاج ڪرائڻ لاءِ لاڳت معلوم ڪئي، کين چيو ويو وڌ ۾ وڌ بل ٺاھيون ڇو جو پاس گھٽ ٿيندو آھي، ڄاڻايل اندازي وارو بل مريض جي چوڻ ۽ اسرار تي ٺاھيوسين ته جئين اُن جي ڀلائي ٿئي، عام طور تي اِھي چاجرز نارمل آھن. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري جو چوڻ آھي ته بشير منگيءَ جي علاج لاءِ 3 لک رپيا ثقافت کاتي طرفان جاري ڪيا ويا آھن، باقي آيل علاج تي به خرچ ڪيو ويندو، اسپتال انتظاميا اِھو انوائيز ڏنو آھي، جيڪو اسان ڏانھن به پھتو آھي.