سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ سکر واسڻ زرينه دايو وڪيل نعيم پيرزادو معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس مڙس نظام الدين دايو ميونسپل جو ملازم هو جنهن کي ڊسپوزل تي ڊيوٽي دوران 2016 ۾ نامعلوم هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو هو، ميونسپل ڪارپوريشن سکر پينشن اد نه پئي ڪري. عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي ميونسپل ڪارپوريشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نظام الدين دايو ميونسپل جو ملازم نه هو، ان جو رڪارڊ ئي ناهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪارپوريشن سکر ۾ 26 جعلي ملازم ڀرتي ٿيل آھن، جن کي پگهارون ڏنيون پيون وڃن ۽ مقتول جي بيواھ کي حق نه ٿو ملي، جنهن بعد عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ ۽ ميونسپل ڪمشنر سکر کي حڪم جاري ڪيو آھي 2012 ۾ ڀرتي ٿيل 26 ملازمن جو رڪارڊ چيڪ ڪري 27 مئي تي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.