نيوڇور (ن پ ا) ڀلاري مھيني رمضان شريف ۾ نيوڇور شھر جي مختلف پاڙن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي پاڻي جي فراھمي بند، گذريل 10 ڏينھن کان شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان. نيوڇور شھر جي مختلف پاڙن ٺڪر پاڙو، بجير پاڙو، ڀيا پاڙو، چارڻ پاڙو، چانھيا پاڙو، سومرا پاڙو، مڱڻهار پاڙو جي واٽر سپلاءِ گذريل 10 ڏينهن کان بند ھجڻ ڪري شھري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رھيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ شھرين ڪرن ھٺي سنگهه سوڍو، موھن سنگهه سوڍو، پيرڏان چارڻ، شير محمد چانھيو، راجا چارڻ ۽ ٻين پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو ته پاڻي فراھمي جلد بحال ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.