سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن طرفان پگھارون نه ملڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ملازمن کي پگھارون ناھن ملي سگھيون، جڏھن ته ڊاڪٽرن سميت وڏن آفيسرن کي پگھارون ڏنيون پيون وڃن، جنھن ڪري ملازمن جا خاندان سخت مالي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، جنھن تي عدالت خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 92 ملازمن کي پگھارون ڏيڻ ۽ لاڳاپيل ذميوارن کي حڪم ڏنو ته پگھارن وارو معامرو ھڪ مھيني اندر حل ڪري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ سيڪريٽري ھيلٿ کي طلب ڪيو ويندو.