دادو (رپورٽر ) دادو ۾ چرس جو جوابدار سوپارين جي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت اي ايس آءِ کي هٿ ڪڙي هڻائي ڇڏي. دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو ڪارنامو ، بي سيڪشن ٿاڻي جي اي ايس آء گل محمد لنڊ منشيات جي ڪيس ۾ سيڪنڊ سول جج جوهي ايٽ دادو فرمان علي تڳڙ جي عدالت ۾ جوابدار شهباز علي پنهور ۽ پراپرٽي چرس بجاء زيڊ 21 سوپارين جا پيڪيٽ پيش ڪيا، جنهن عدالت اي ايس آء کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ پراپرٽي چرس ڏيکاريل آهي ۽ توهان وري زيڊ 2100 پيش ڪيون آهن، عدالت پوليس طلب ڪري اي ايس آءِ کي هٿڪڙيون هڻائي ويهاري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ بي سيڪشن پوليس ڪيس پراپرٽي چرس کڻي عدالت پهتا، ايس ايڇ او بي سيڪشن عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته زيڊ 2100 ٻئي ڪيس جي پراپرٽي آهي. اي ايس آءِکان غلطي ٿي آهي ، ايس ايڇ او عدالت ۾ ڪيس پراپرٽي چرس پيش ڪيو جنهن کانپوء عدالت اي ايس آء کان هٿڪڙيون کولرايون ڇڏيون آهن.