سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب شھر جي پراڻو سکر، بندر روڊ، ريجنٽ ڪالوني، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، شڪارپور روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ سميت اڪثر علائقا گندگي جي ور چڙھيل آھن. انتظاميا پاران شھر ۾ صفائي لاءِ ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا. شھرين مطالبو ڪيو آهي ته شھر ۾ صفائي جو صورتحال کي بھتر بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.