ٽنڊوالهيار (رپورٽر) گذريل هفتي ٽنڊوالهيار جي ريلوي پليٽ فام تي ريل گاڏي هيٺان اچي شديد زخمي ٿيندڙ 18 ورهين جي ذيشان ميوو حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.