ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ڀرسان ڳوٺ رستم خان ماڇي نانگو شاھ روڊ تي زرعي زمين مان بااثرن پاران قيمتي وڻ زبردستي وڍڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن رستم خان ماڇي ، ڪمال خان ، الهڏنو ماڇي ، يار محمد، امير بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته بااثرن زرعي زمين مان قيمتي وڻ وڍرايا آهن، رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.