سڄي رات 18 خطرناڪ نانگن وچ ۾ ستل عورت سجاڳ ٿيڻ تي نانگ ڏسي بيهوش

0
929

جارجيا (دلچسپ نيوز) سڄي رات 18 خطرناڪ نانگن وچ ۾ ستل عورت سجاڳ ٿيڻ تي نانگ ڏسي بيهوش ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست جارجيا جي شهر اوگسٽا ۾ ٽرش وليچر نالي عورت پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئي، سڄي رات ننڊ ڪرڻ بعد عورت جي جڏهن اک کلي ته هن پنهنجي چوڌاري نانگن جو قافلو ڏٺو، نانگ ڏسندي ئي سندس هوش خطا ٿي ويا ۽ هو بيهوش ٿي وئي، جڏهن سندس مڙس ڪمري ۾ پهتو ته زال کي بيهوش ڏسي پريشان ٿي ويو بعد ۾ وڏي هوشياري سان نانگ پڪڙي ورتا، ٽرش وليچر جو مڙس انهن نانگن کي مارڻ بدران هڪ ٿيلهي ۾ وجهي ويران هنڌ تي ڇڏي آيو. سوشل ميڊيا تي نانگن جون تصويرون شيئر ڪندي ٽرش وليچر لکيو آهي ته نانگ ڏسڻ بعد سندس هوش بلڪل خطا ٿي ويو جڏهن ته خوف سبب منهنجي دل تي پڻ اثر پيو آهي شايد هاڻي مونکي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پوندو. جنگلي جيوت واري اداري جي هڪ ٽيم پڻ متاثر عورت جي گهر پهچي معائنو ڪيو ۽ ٻڌايو ته اهي نانگ زهريلا نه هئا جڏهن ته گهر ۾ وڌيڪ نانگ هجڻ واري امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي.