ليونل ميسي اڌ پگهار تي به بارسلونا سان گڏ رهڻ تي بضد

0
195

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا جي ليونل ميسي اڌ پگهار تي بارسلونا سان گڏ رهڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ميسي جو 123 ملين پائونڊ جو معاهدو 30 جون تي ختم ٿي ويو آهي. ڪوپا امريڪا ڪپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسٽار فٽبالر ليونل ميسي موڪلن تي آهي، جنهن کي بارسلونا سان معاهدي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ باقي آهي، ميسي بارسلونا سان 2023 تائين رهڻ تي راضي آهي، پر هن ڀيري سندس موجوده ڪانٽريڪٽ جي رقم اڌ ٿي ويندي. ميسي تقريبن 123 ملين پائونڊ جو معاهدو ڪيو هو، جيڪا رقم 27 ارب 10 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهي، اهو معاهدو 30 جون تي ختم ٿي ويو آهي.