ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي طرفان ڪراچي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد دعويٰ ڪئي آهي ته طارق روڊ تان ڪالعدم تنظيم جي 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، دهشتگردن ۾ جاويد مڱريو ۽ ممتاز سومرو شامل آهي، جوابدارن احساس پروگرام جي آفيس ۽ رينجرز تي حملا ڪيا.