لنڊن (م.ڊ) برطانوي شاهي محل پاران برطانوي ملڪه جي مڙس پرنس فلپ جي آخري رسمن ۽ تدفين جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته سندس تدفين 17 اپريل تي ٿيندي. شاهي محل پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وبا سبب شاهي محل جي ڪنهن فرد جي آخري رسمن کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ عوام کان به گذارش آهي ته اهي پابندين تي عمل ڪن. بيان ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته پرنس فلپ جي آخري رسمن ۽ تدفين ۾ شاهي خاندان جا انتهائي ويجها ماڻهو شريڪ ٿيندا، جڏهن ته تقريبن ۾ شاهي محل جا اعليٰ عهديدار به موجود هوندا.