سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نوجوان راشد لاشاري جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي علي غلام لاشاري، اختيار علي، پرويز، گل محمد ۽ ٻين دانيهندي چيو ته پوليس ھفتو اڳ چوري جي ڪوڙي الزام ۾ اسان جي نوجوان راشد لاشاري گرفتار ڪري تشدد بعد قتل ڪيو آهي، 5 اھلڪارن سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس کين گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجھي رهيا آهن، غيرمحفوظ آهيون، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.