دولت پور صفن (ن پ ا) دولت پور تعلقو بحال ڪاميٽي جي اڳواڻن پاران حبيب چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي دولتپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي تعلقي دولتپور جي بحالي جي جدوجھد ڪاميٽي جي آرگنائيزر انجنيئر عبدالڪريم ابڙو، محمد ياسين جوڻيجو، غلام مصطفيٰ جوڻيجو ۽ سماجي اڳواڻ حاجي خالد اوٺو، امان الله پلي ، سنڌ منھنجي امان فورم جي اڳواڻن مدثر نظير عمراڻي، ارباب ملاح ۽ ٻين چيو ت تقريبن 90_1989 واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي عظيم عورت سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي انتھائي سياسي بصيرت ۽ بنيادي انساني حقن تحت سندس حڪم تي تعلقو دولتپور قائم ٿيو جيڪو تقريبن ويهن سالن تائين تعلقي ليول جي سمورن سرڪاري ڪمن ڪارن ۾ سفري سهولتن سميت ٻين به ڪافي سھولتن جو بھترين ذريعو رھيو جيڪو 2008 ۾ ختم ڪري قاضي احمد تعلقو قائم ڪري دولتپور صفن جھڙي تاريخي شھر سان سلهاڙيل ھزارين ڳوٺن جي تقريبن ڏيڍ لک کان مٿي عوامي آباديءَ سان ناانصافي ڪئي وئي. ھنن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته رد ڪيل تعلقي دولتپور صفن کي ٻيهر بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.