گھوڙاٻاري (رپورٽ: مختيار جان چانڊيو) گهوڙاٻاري تعلقي جو هزارن جي آباديءَ وارو ور شهر نڌڻڪو ۽ لاوارث ٿي ويو، ٻن مهينن کان بجلي بند، ڊرينيج سسٽم پڻ وڏي عرصي کان ناڪاره بڻيل، شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا. رپورٽ موجب ساحلي تعلقي گھوڙاٻاري ۽ پي ايس 78 جو سڀ کان اهم ور شھر وڏي عرصي کان لاوارث بڻيل آهي. تعلقي جو مک ۽ مرڪزي شھر ھجڻ باوجود به گذريل ٻن مھينن کان بجلي هئڻ سبب سڄو شھر اونداھيءَ جي لپيٽ ۾ آيل آهي. شهر ۾ بجلي نه هئڻ سبب عام وهنوار توڙي روزگار ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. بار بار شڪايتن باوجود شهر جو خراب پيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيو آهي.ٻئي پاسي شھر جو نيڪال وارو نظام پڻ وڏي عرصي کان ناڪاره بڻيل آهي. اڪثر گٽرن جو گندو پاڻي شھر جي گھٽين ۽ گهر ۾ بيٺل هوندو آهي. ان کان مهينن تائين صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر جي گهرن گهٽين توڙي اڪثر چوڪن تي گندگيءَ جا ڍير لڳل هوندا آهن. شهرين ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪري بدانتظاميءَ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.