سيوهڻ بدفعلي ڪيس: مفرور انسپيڪٽر الهبچايو پيرزادو کي شوڪاز نوٽيس جاري

0
259
سيوهڻ بدفعلي ڪيس
سيوهڻ بدفعلي ڪيس: مفرور انسپيڪٽر الهبچايو پيرزادو کي شوڪاز نوٽيس جاري

حيدرآباد: سيوهڻ ۾ نوجوان سان بدفعلي واري معاملي ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد انسپيڪٽر الهبچايو پيرزادو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، 7 ڏينهن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم. شوڪاز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بدفعلي واري وڊيو وائرل ٿيڻ سان پوليس جو اميج خراب ٿيو آهي.11 ڊسمبر تي متاثر نوجوان غلام مصطفيٰ بروهي جي والد حنيف بروهي جي فرياد تي سيوهڻ پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو هو. منجهند ڌاري ڊي آءِ جي، انسپيڪٽر الهبچايو کي معطل ڪيو هو، ڪجهه دير پهرين ڊي آءِ جي کيس شوڪاز نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي

ھي بھ پڙھندا

سيوهڻ: بدفعلي اسڪينڊل ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او جي گهر تي ڇاپو