ڪيترا وڌيڪ ٻار ٿيڻ گهرجن؟ ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ وچ ۾ اختلاف

0
516
ڪيترا وڌيڪ ٻار ٿيڻ گهرجن؟
ڪيترا وڌيڪ ٻار ٿيڻ گهرجن؟ ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ وچ ۾ اختلاف

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس مڙس شعيب ملڪ وچ ۾ شادي کانپوءِ ٻارن جي تعداد تي تڪرار جي وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي

ثانيه ۽ شعيب جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کين مستقبل جي ٻارن جي انگ بابت ڳالهائيندي ڏٺو پيو وڃي

 

وڊيو ۾ شعيب ثانيه کان پڇي ٿو ته اڃا ڪيترا ٻار ٿيڻ گهرجن. هڪ يا وڌيڪ؟ ثانيه چوي ٿي مون کي خبر آهي ته توهان هڪ کي ترجيح ڏيو ٿا پر مان سمجهان ٿو ٻه. جنهن تي شعيب چيو ته رڳو 2 ٻار ڇو؟ 4، 5، 10 ڇو نه؟

شعيب جي سوال جي جواب ۾ ثانيه جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ٽيم ناھي ٺاھڻي زندگي ۾ ٻيا به ڪم آهن

ياد رهي ته ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا 2010ع ۾ پاڪستاني اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ کي پنهنجو ھم سفر ساٿي چونڊيو هو، ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ کي هڪ پٽ پڻ آهي جنهن جو نالو اذھان مرزا ملڪ آهي