ڪشمور/نصيرآباد (نمائندن وٽان) نصيرآباد ۽ ڪشمور ۾ ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. نصير آباد ۾ کنڀي گم ڪيل پورھيت اڳواڻ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ عوامي ورڪرزپارٽي جي سڏ تي 16هين ڏينھن به سوين عورتن ٻارڙن، مردن ۽ سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مارچ ڪيو، احتجاج دوران سينگار جي امڙ، ڀينرون ۽ وني پنھنجي پياري جي آزادي لاءِ لڙڪ لاڙينديون رھيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي خان غفار خان، شوڪت تنيو، ھير نوناري، فوزيا سينگار ۽ ٻين چيو ته اسان جي پارٽي پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت رجسٽرڊ ٿيل آھي، ملڪـ جي آئين کي مڃڻ باوجود اسان جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته اسين پورھيتن، ھارين ۽ پيڙھيل طبقي جي حقن جي ڳالھه پيا ڪيون، ڇا انهن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ گناهه آهي، هنن چيو ته سورنھن ڏينھن گذرڻ باوجود سينگار جو ڏس پتو نه پيو آهي، ھنن چيو ته سينگار نوناري پورھيت وطن دوست سياسي ورڪر آھي ان کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪشمور ۾ عوامي ورڪر پارٽي پاران ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين حميد کوسو، محمد علي کوسو، غفور لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.