گمبٽ (ن پ ا)گمبٽ ۾ گهريلو تڪرار تان حملي ۾ زخمي ٿيل شفقت علي شاهه پنهنجي رهائشگاهه تي علي رضا شاهه، سيد طارق علي شاهه جيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار سيد احمد علي شاهه سميت ٻين جوابدارن کي گمبٽ پوليس هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي. احمد علي شاهه ۽ سندس پٽ، گهرواري ۽ ڌيءَ منهنجي مٿان بنا جواز تشدد ڪري خنجر جا وار ڪري مون کي سخت زخمي ڪيو ۽ اغوا ڪري قتل ڪرڻ چاهين پيا اهڙي حملي واري واقعي جو گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، جيڪڏهن ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيا ته گمبٽ شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي ڌرڻي جو سڏ ڏنو ويندو، جنهن جي ذميواري انتظاميه تي هوندي.هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن جوابدارن جي گرفتاري بابت وڌيڪ ڪجه به نٿا ٻڌائي سگهون.