پشاور (شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري جو سينيئر اداڪار رشيد ناز لاڏاڻو ڪري ويو آهي، رشيد ناز جي ڪجهه ڏينهن کان طبيعت خراب هئي، سندس نياڻي ۽ اداڪارا مديحه رضوي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي سندس لاڏاڻي جي خبر ڏني،.رشيد ناز 9 سيپٽمبر 1948ع تي پشاور ۾ پيدا ٿيو، هن بيشمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي، راشد ناز پنهنجي ٽيليويزن ڪيريئر جي شروعات 1971ع ۾ پشتو ڊرامي سان ڪئي، هن ڪيترن ئي پشتو، هندڪو ۽ اردو ٻولين جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو سندس پهريون اردو ڊرامو ”اِڪ ٿا گائون“ هو، جيڪو 1973ع ۾ نشر ٿيو، سندس پهريون مشهور ڊرامو ناموس هو، هن پاڪستان جي پهرين خانگي ٽيليويزن ڊرامي ”دشت“ ۾ پڻ ڪم ڪيو، رشيد ناز 1988ع ۾ پنهنجي پهرئين پشتو فلم ”زما جنگ“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.