سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي انگلينڊ کي ڪيئن هارائڻو پوندو؟

0
116

ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي، جڏهن ته ظاهري طور پاڪستان جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو

پاڪستان لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو سڀ کان سولو طريقو اِهو هو ته سريلنڪا نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي،پر پاڪستاني مداحن جي اِها خواهش پوري نه ٿي سگهي

ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ٽيمون پهريان ئي ناڪ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، چوٿين ۽ آخري ٽيم لاءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ مقابلو ٿيندو

ٻنهي ٽيمن کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي آخري ميچ کٽڻ ۽ رن ريٽ جو به خيال رکڻو پوندو

نيوزيلينڊ پنهنجي آخري گروپ ميچ کٽي 10 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل ۾ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ افغانستان سيمي فائنل جي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويو آهي

نيوزيلينڊ اڄ کٽڻ کانپوءِ سيمي فائنل لاءِ پنهنجو رستو صاف ڪري ورتو، جڏهن ته هاڻ گرين شرٽس لاءِ ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته آخري ميچ ۾ کٽڻ باوجود رن ريٽ وڏو چيلينج ثابت ٿيندو

گرين شرٽس سيمي فائنل ۾ ڪيئن پهچي سگهي ٿي؟

پاڪستان ڪرڪيت ٽيم کي جيڪڏهن سيمي فائنل ۾ پهچڻو آهي ته  انگلينڊ کي 287 رنز جي مارجن سان شڪست ڏيڻي پوندي

پاڪستان ٽيم انگلينڊ خلاف پهريان بيٽنگ ڪري 300 رنز ٺاهي ۽ انگلينڊ کي رڳو 13 رنز تي آئوٽ ڪرڻو پوندو

جيڪڏهن انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪري ته اُن کي 50 رنز تائين محدود ڪري ۽ جواب  ۾ پاڪستان کي 2.5 اوورز ۾ هدف پورو ڪرڻو پوندو