ڪاڇي ۾ خوني تڪرار تان 3 ڄڻا قتل

0
81

واھي پانڌي : ڪاڇي قصبو واري علائقي ۾ لغاري ۽  بروھي برادري جي ڌرين ۾ خوني تڪرار تيز ٿي ويو آهي، اڄ وڌيڪ ٽن ڄڻن کي گولين جو بک بڻايو ويو آهي

ورهين کان گھٽي  جي معاملي تي ھلندڙ تڪرار تان ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

گوليون   لڳڻ سبب 2 ڄڻا ٿڌي تي مارجي ويا، جڏهن ته نصير لغاري زخمي ٿي  پيو، هُن اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏنو

جهيڙي دوران بروهي برادري جا حنيف ۽  شريف بروهي مارجي ويا، واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، جڏهن ته علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي