ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان روهت شرما ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل کان اڳ ايڊيليڊ ۾ پريڪٽس سيشن دوران زخمي ٿي پيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڱاري جي صبح جو روهت شرما ايڊيليڊ جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ بيٽنگ پريڪٽس ڪري رهيو هو ته بال هن جي ساڄي هٿ تي لڳو جنهن سبب اهو زخمي ٿي پيو. ڀارتي ڪپتان تڪليف سبب ٽريننگ اتي ئي روڪي ڇڏي، ان کانپوءِ روهت نيٽ سيشن ۾ صرف هڪ بال کيڏيو ۽ وري انجري جي خوف سبب گرائونڊ مان هليو ويو.