سڊني(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي جارحاڻي مزاج جي بيٽر اي بي ڊي ويليئرز پنهنجي ٽوئٽر تي هڪ پول شيئر ڪيو جنهن تحت هن سوشل ميڊيا واهپيدارن جي راءِ ورتي ته پاڪ ڀارت وچ ۾ فائينل ٿيندو يا نه؟ 70 سيڪڙو مداحن پاڪ-ڀارت فائنل ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن تي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر هڪ ٻيو ٽوئٽ ڪيو. اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته بي شڪ پول جو اهو نتيجو تصوراتي آهي، 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي لڳي ٿو ته پاڪ ڀارت فائينل ٿيندو پر ان حوالي سان يقينن نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جون ٽيمون به ڪجهه چوڻ چاهينديون. ڊي ويليئرز وڌيڪ لکيو ته منهنجو به اهو ئي خيال آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جو فائينل ٿيندو، اهو مقابلو منهن ۾ پاڻي آڻيندڙ (بهترين) هوندو.