ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار سيف علي خان جو پٽ ابراهيم علي خان بالي ووڊ ۾ ڊيبيو لاءِ تيار آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽڻ موجب ابراهيم علي خان بالي ووڊ ۾ انٽري ڪرن جوهر جي فلم سان ڪندو. ڪرن جوهر جي وڏي بجيٽ جي فلم ايندڙ سال رليز ٿيندي جنهن ۾ ابراهيم علي خان مک ڪردار ادا ڪندو. ابراهيم علي خان هن وقت ڪرن جوهر جي نئين ايندڙ فلم “راکي اور راني ڪي پريم ڪهاني” ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي. ان فلم ۾ رنوير سنگهه ۽ عاليا ڀٽ مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.