سيتاروڊ (  رپورٽ:  امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ لڳ ڳوٺ محبت خان لاکير ۾ سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ ”مرڪون موٽائي ڏيو“ پيش ڪيو ويو۔ جنهن موقعي سنڌ جي ناليواري ٽي وي اداڪارن لالا رفيق زئور، اسماعيل چانڊيو، ذوالفقار بڙدي، حاجن تيوڻو، عرفان شيخ، اصغر چوڌري، نثار شاھ، بخشل ملاح، سنڌيا، شمع شيخ ۽ ٻيا شامل هئا۔ پروڊيوسر محبوب سنڌي، سليم سيتائي جي هدايتڪاري ۽لونگ شيخ جي لکيل هن ڪهاڻي ۾ سنڌ جي ريتن رسمن، وڏيرا شاهي، غربت، بيروزگاري ۽ سماج ۾ وڌندڙ بگاڙ کي نروار ڪرڻ سان گڏ اسٽيج ناٽڪ ۾ پيار جي پاڪ دامني ۽ مزاح کي پڻ زندگي جو اهم حصو ڏيکاريو ويو۔ هن اسٽيج ناٽڪ ۾ نواز سيتائي مسڪين هاري، نياڻي جي خوددار پي ۽ چاچي جي ڪردار ۾ خوب نڀائي داد حاصل ڪيو۔ منظور آڪاش مسڪين تعليم يافته بيروزگار ۽ پيار ۾ قرباني ڏيندڙ نوجوان جو سنجيده ۽ ٽريجيڊي ڪردار ادا ڪري پنڊال ۾ ويٺلن جون اکيون آليون ۽ محبوب سنڌي ڪڪڙ ويڙهائڻ جي شوقين ڪم چور نوجوان، رانجهن بلوچ قرض ڏيندڙ واڻئي جي ڪردار ۾ ويٺلن کي کلائي کلائي کيرو ڪري به ڪيو. اسٽيج ناٽڪ ۾ اداڪاره ريما تنيو ڳوٺاڻي گهريلو نياڻي ۽ انعام انڙ هيرو جو ڪردار ڪري سرد رات ۾ ويٺلن کي اسٽيج ڏسڻ تي مجبور ڪيو. ناٽڪ پيش ٿيڻ کان اڳ استاد غلام سرور بروهي ۽ اسٽيج دوران هيروئن ريما تنيو جي من موهيندڙ ڊانس ويٺلن کي جهومائي پنڊال هوڪرن سان گونجرائي پڻ ڇڏيو.