سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا هٿان وائيٽ واش کانپوءِ ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت لاءِ قومي ٽيم جا 6 رانديگر اڄ نيوزيلينڊ روانا ٿيندا. ڪپتان شاهين آفريدي، بابر اعظم، صائم ايوب، محمد رضوان، عامر جمال ۽ وسيم جونيئر سڀاڻي آسٽريليا کان نيوزيلينڊ ويندا، جڏهن ته ٽيسٽ اسڪواڊ جا ٻيا 9 رانديگر ڪپتان شان مسعود، امام الحق، عبدالله شفيق، سعود شڪيل، سرفراز احمد، ساجد خان، مير حمزا، سلمان علي آغا ۽ فهيم اشرف اڄ آسٽريليا کان پاڪستان واپسي ڪندا. واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون 12، 14، 17، 19 ۽ 21 جنوري تي کيڏيون وينديون.