اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ عدالتي۽ سول سڌارن تي اتفاق، شرپسندن ۽ انتهاپسندن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزارت ۽ سڌ سماءَ وزارت جي نگراني ۾ نيشنل ڪرائيسز مينيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي  منطوري ڏني وئيتفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان بابت جوڙيل ايپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي مامرن جي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ، ناڻي وزير شوڪت ترين، گهرو شيخ رشيد احمد، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کانسواءِ قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار، گلگت بلتستان سوڌو چئني صوبن جي وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، وفاقي سيڪريٽرين، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس ۽ ٻين سول ۽ فوجي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف حصن تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پاڙيسري ملڪ افغانستان جي صورتحال ۽ ان جي ملڪ تي پوندڙ ممڪن اثرن جو جائزو ورتو ويو، ڪاميٽي نطرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان جي هدفن جو به جائزو ورتو ۽ ان پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان وفاق، صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميوارين جو به جائزو ورتو ويو،  نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن هدفن کي مقرر وقت ۾ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ سائبر سيڪيورٽي، جاسوسي ۽ سيڪيورٽي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن تي فوري طور عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ عدالتي ۽ سول نظام ۾ سڌارن، بابت قدمن تي به فوري عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو،  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه ۾ اضافي سوڌو، پرتشدد ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ مختلف قدمن تي تيزي سان عملدرآمد جو به فيصلو ڪيو ويو. اندروني سلامتي جي مسئلن بابت بروقت، درست معلومات کي يقيني بنائڻ لاءِ نيشنل ڪرائيسز انفارميشن مينيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، مينيجمينٽ سيل وفاقي گهرو وزير ۽ سڌ سماءَ وزارت جي قيادت ۾ ڪم ڪندو، اجلاس ۾غير ملڪي شهرين خاص طور تي سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي فول پروف ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ به مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾داخلي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، خاص طور تي ملڪ اندر ٿيل امن امان سان تعلق رکندڙ تازن واقعن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ جي داخلي سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ تمام قدم کنيا ويندا  ۽ شرپسندن سان قانون جي پوري طاقت سان منهن ڏنو ويندو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردي جي لعنت خلاف جنگ ۾ قوم وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪ فوج، پوليس، انٽيليجنس ادارن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڏنل قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان تحت طئي ٿيل مختصر، وچين ۽ ڊگهي مدت جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر ڪوآرڊينيشن ۽ موثر قدمن جي ضرورت آهي.